لاهور /پشاور (ويب ڊيسڪ) ننڍي چونڊ تي ن ليگ صوبائي اسيمبلين جون 2 سيٽون ٻهاري ورتيون آهن، پي ڪي نوشهرا تي ن ليگ اميدوار اختيار ولي 21122 ووٽ کڻي پي ٽي آءِ جي اميدوار ميان عمر کي اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پنجاب جي وزيرآباد پي پي 51 جي سيٽ تان به ن ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، ن ليگ اميدوار بيگم طلعت شوڪت پي ٽي آءِ اميدوار چوڌري يوسف کي شڪست ڏئي ميدان ماري ورتو آهي.اين اي 75 ڊسڪه واري تڪ جو نتيجو رڪيل آهي، مسلم ليگ (ن) جي نوشين افتخار 97 هزار 588 ووٽ کنيا ۽ پي ٽي آءِ جو علي اسجد ملهي 94 هزار 541 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي، 23 پولنگ اسٽيشنز جو نتيجو باقي آهي. 23 مان 19 پولنگ اسٽيشنز جو لاپته عملو ريٽرننگ آفيسر جي آفيس پهتو آهي جتي ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي. بنهي ڌرين پاران ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، گذريل ڏينهن پولنگ دوران جهيڙن ۽ فائرنگ ۾ ٻنهي پارٽين جو هڪ هڪ ڪارڪن مارجي ويا هئا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا هئا.










