صدر ۽ وزيراعظم پاران شهيد گروپ ڪيپٽن کي خراجِ پيش

صدر ۽ وزيراعظم پاران شهيد گروپ ڪيپٽن کي خراجِ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم طارق کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. صدرِ مملڪت آصف علي زرداري گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدرِ مملڪت چيو ته هڪ بيگناهه عورت جي جان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ اعليٰ انساني قدرن ۽ قومي خدمت جو روشن مثال آهي.هن شهيد گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي سندن لاءِ صبرِ جميل جي دعا ڪئي ۽ چيو ته اسلام آباد جي اهم شاهراهه تي اهڙي قسم جو واقعو تشويش جو باعث آهي، اهڙن واقعن جي مڪمل روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گروپ ڪيپٽن عاصم طارق جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گروپ ڪيپٽن عاصم طارق هڪ عورت جي جان ۽ عزت جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري بي مثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مثال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم اهڙن بهادر سپوتن جي قربانين کي هميشه قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندي آهي، پوري قوم شهيد جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي، کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونئيرن کي اهو صدمو صبر ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي. وزيراعظم لاڳاپيل حڪام کي هدايت ڪئي ته واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ ڪري ذميوار عنصرن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو