صدر پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سرڪاري ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان موجب انهي منظوري کان پوءِ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن سرحد پار واپار ۽ اچ وڃ کي بهتر بنائڻ جي لاءِ لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. انهي کان اڳ ڀارت ۽ بنگلاديش اهو قدم کڻي چڪا آهن.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر آصف علي زرداري يارهين قومي مالياتي ڪميشن(اين ايف سي) جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ چئني صوبن جي ناڻي وارن وزيرن ۽ صوبن جي هڪ هڪ ماهر کي به ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو