اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) صدر پاران واپس موڪليل سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر بل 2023 حڪومت پارليمان جي گڏيل اجلاس مان ڪجهه ترميمن بعد منظور ڪري ورتو. گڏيل اجلاس جي ڪاروائي ۾ پي ٽي اءِ وارن حصو نه ورتو پر هو ايوان ۾ احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪندا رهيا. هڪ موقعي تي هو اسپيڪر جي ڊائيس آڏو اچي نعربازي ڪندا رهيا ۽ ايجنڊا جا پيپر به ڦاڙي ڇڏيا. منظور ڪيل بل ۾ حڪومتي ميمبر شازا فاطمه خواجا پاران پيس ڪيل پروسيجرل ترميمون منظور ڪيون ويون پر جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد جي ترميم رد ڪئي وئي. هن چيو ته پارليماني اختيارن ۾ سپريم ڪورٽ جي مداخلت خلاف هي بل منظور ڪريو ٿا مان ان جو حامي آهيان. هن چيو ته هن ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪندي رهي آهي اها روڪڻ بابت منهنجي ترميم منظور ڪريو. قانون واري وزير اعظم تارڙ ان جي مخالفت ڪئي ۽ اها رد ڪئي وئي. هن بل جو مقصد ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ بينچز ٺاهڻ بابت چيف جسٽس جا صوابديدي اختيار ختم ڪري، چيف جسٽس سميت سينئر ترين ججن کي ڏنا ويا آهن. فاروق نائڪ چيو ته هي رولز ضياءَ الحق جي دور ۾ چيف جسٽس کي ڏنا ويا جيڪي ڊڪيٽيٽراڻا اختيار آهن، وڪيلن جون تنظيمون ۽ خود سپريم ڪورٽ ڪيترا ڀيرا 1990 کان وٺي انهن ۾ ترميم جو حڪم ڏنو آهي.










