واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جو بائيڊن نائن اليون حملن بابت ڳجها دستاويز عوام لاءِ عام ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هن ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. هن چيو آهي ته انصاف وارو کاتو انهن جي نگراني ڪري ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ اهي دستاويز عوام آڏو آندا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسانکي 2977 انهن امريڪين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي هن دهشتگردي جي واقعي ۾ اجل جو شڪار بڻيا.










