صدر پاران ايٿليٽ ارشد نديم کي هلال امتياز ڏيڻ جو اعلان

صدر پاران ايٿليٽ ارشد نديم کي هلال امتياز ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي پيرس اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کيس هلال امتياز ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي.سرڪاري ميڊيا موجب صدر آصف علي زرداري ارشد نديم کي راندين جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خصوصي تقريب ۾ سول ايوارڊ ڏيندو. صدر جي هدايتن تي ايوان صدر ارشد نديم کي سول ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي.صدر آصف علي زرداري خط ۾ چيو آهي ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راندين جي ميدان ۾ قوم جو ڪنڌ فخر سان مٿي ڪري ڇڏيو آهي. ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻيل آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو