پير جو ڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) خيرپور ضلعي جي آبادگارن پاران شگر ملون چالو نه ٿيڻ، توڙي وقت سر ڪمند خريد نه ٿيڻ، مناسب اگھ نه ملڻ جي خدشن سبب ضلعي جي مختلف علائقن پريالوءِ، احمدپور، رپڙي، بهارو، گمبٽ . سوڀوديرو، پيرڳوٺ، ڪوٽ مير محمد، صدرجي ڀٽيون ٻٻرلوءِ . ڳاڙهي موري ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي پئماني تي چيچڙا لڳائي ڪمند جي پيڙائي ڪري ڳڙ ۽ مٺائي ٺاهڻ شروع ڪري ڏني آهي روزاني سنڌ جي مختلف ڳڙ منڊين محرابپور، سکر، خيرپور، پيرڳوٺ ۽ ٻين منڊين ۾ سوين مڻ مٺائي توڙي ڳڙ پهچائي سٺي اگهه تي واڪ ذريعي وڪرو ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ آبادگارن محمود حسين، علي شير جوڻيجو ۽ ٻين سنڌ يار کي ٻڌايو ته شگر ملز انتظاميه پاران شگر ملون چالو نه ڪيون ويون آهن ۽ جيڪڏهن چالو به ٿيون ته تڏهن به اسان کان ڪمند وقت سر خريد نه ڪيو ويندو ۽ مناسب اگھ به نه ملندا بااثر آبادگارن جو ڪمند خريد ڪيو ويندو ۽ اسان ننڍن آبادگارن سان زيادتي ڪئي ويندي جنهن ڪري اسان آبادگار مايوس ۽ مجبور ٿي مختلف هنڌن تي چيچڙا لڳائي ڳڙ ۽ مٺائي ٺاهڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ڇوته ڳڙ مٺائي تيار ڪري ڪمند جي فصل تي ڪيل خرچ جو پورائو ڪري رهيا آهيون. شمس دين جاگيراڻي چيو ته ڳڙ منڊين جي دلالن پاران به مناسب اگھ نه ٿا ڏنا وڃن پر پوءِ به روڪ پئسا ملن ٿا جنهن ڪري اسان گھڻي پريشاني کان بچي وڃون ٿا پر جيڪڏهن ڳڙ ۽ مٺائي جا صحيح نموني اگھ ملن ته سٺي اپت حاصل ڪري سگھجي ٿي. هنن چيو ته زراعت کاتو به آبادگارن جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري جنهن ڪري شگر ملز انتظاميه پنهنجي مرضي هلائي ٿي.










