شڪارپور (ڊر) شڪارپور / ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي جي عدالت پاران ٽيڻي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 4جوابدارن کي 3-3ڀيرا سزائي موت ۽ 15-15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، عدالت پاران جوابدارن عبدالحفيظ عرف حفيظ, اياز عرف ملنگ,۽ امجد سڀئي ڀيا,۽ منير خان عرف منو ڪلهوڙو کي سزا ٻڌائي, جڏهن ته ٻن ڄڻن عمران ۽ امتياز ڀيو کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪيو ويو, ڄاڻايل جوابدارن 3/2/2020, تي رات جي وقت ڪرن ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن تڪرار تان اوطاق تي حملو ڪري ٽن ڄڻن عمران ,ڪامران, ۽ لال بخش ڀيو کي قتل ڪيو هو,جڏهن ته پرويز ڀيو کي پڻ زخمي ڪيو هو,اهڙو ڪيس فريادي نواب خان ڀيو جي مدعيت ۾ ڪرن ٿاڻي تي 7جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو هو, جنهن مان هڪ جوابدار فوت ٿيڻ ڪري سندس نالو خارج ڪيو ويو آهي, عدالت پاران جوابدارن کي 50 هزار رپيا زخمي جو ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو به فيصلو ٻڌايو ويو, ڏنڊ جي رقم جوابدارن جي ملڪيت مان پڻ ادا پئي ويندي.










