شڪارپور، پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ڏوهاري مارجي ويو

شڪارپور، پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث ڏوهاري مارجي ويو

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) پوليس مقابلي ۾ ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي قتل ڪيس ۾ گهربل خطرناڪ ڏوهاري مارجي ويو، سنڌ جي گهرو وزير پاران شڪارپور پوليس کي شاباس. تفصيل موجب، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پوليس حساس ادارن جي سهڪار سان ڪامياب ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي شهادت واري ڪيس ۾ گهربل هڪ خطرناڪ ڏوهاري کي پوليس مقابلي دوران ماريو ڇڏيو. پوليس موجب اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد شر لاڙو باءِ پاس ڀرسان ڦر جي ارادي سان موجود هٿياربند ڏوهارين جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي. ان دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. ايس ايس پي محمد ڪليم ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ امير بخش جتوئي ڪمالاڻي طور ٿي آهي، جيڪو ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي قتل ڪيس ۾ گهربل هو. هن ٻڌايو ته جوابدار خلاف قتل، منشيات، ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن سميت 13 کان وڌيڪ سنگين ڪيس داخل هئا، جڏهن ته هو خانپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تازين ڦرن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ پڻ ملوث رهيو آهي. پوليس مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون پڻ هٿ ڪيون آهن. ايس ايس پي محمد ڪليم چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث ڏوهارين جو انجام صرف ٻه هنڌ آهن، جيل يا جهنم. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار شڪارپور پوليس ۽ حساس ادارن جي گڏيل ڪارروائي کي ساراهيندي ايس ايس پي محمد ڪليم ۽ سندس سموري ٽيم کي شاباس ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي شهادت ۾ ملوث گهربل ڏوهاري امير بخش جتوئي ڪمالاڻي جي هلاڪت پوليس جي اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته جوابدار خلاف 13 کان وڌيڪ سنگين ڪيس سندس ڏوهاري ڪردار جو چٽو ثبوت آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ حساس ادارن وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي ڏوهاري عنصرن خلاف ڪاررواين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاري سرچ آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي ۽ شڪارپور سميت سڄي سنڌ ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف بنا امتياز ڪارروايون جاري رکيون وڃن. گهرو وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته شڪارپور پوليس بهادري، پيشاوراڻين صلاحيتن ۽ عزم سان ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجي وابستگي جو هڪ ڀيرو ٻيهر ثبوت ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو