شڪارپور: مبينا زهرِيلي ماني کائڻ سان 3 ٻارڙا فوت

شڪارپور: مبينا زهرِيلي ماني کائڻ سان 3 ٻارڙا فوت

شڪارپور (رپورٽر): شڪارپور ويجهو خانپور واري علائقي ۾ مبينا طور مضرِ صحت (زهرِيلي) ماني کائڻ سبب 10 ڄڻن جي حالت بگڙجي وئي، جن مان 3 ٻارڙا علاج دوران ساهه ڇڏي ويا.پوليس موجب متاثرين ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، جن مان 3 ٻارڙن اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته 7 ڄڻا اڃا تائين تشويشناڪ حالت ۾ علاج هيٺ آهن. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس وٺي پهچي معاملي جي تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو