ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير رياض حسين شاهه شيرازي گذريل ڏهاڙو (ڇنڇر) پنهنجي علائقي (ٺٽو) جي عوام جا مسئلہ ٻڌڻ ۽ ڪجهه معزز شخصيتن سان ملاقاتن ۾ گذاريو. تفصيل موجب اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي ڇنڇر جي صبح جو حاجي محمد حنيف ميمڻ شيرازي ٺٽي هائوس پهتا، جتي هن علائقي واسين سان ملاقات ڪئي ۽ هنن جا مسئلا ٻڌا. صوبائي وزير لاڳاپيل آفيسرن ۽ عملي کي عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. جنهن بعد رياض حسين شاهه شيرازي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ٺٽو سان گڏ سول اسپتال مڪلي جو دورو ڪيو. صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي سماجي تنظيم) لو ٽو گو( LIVE TO GIVE) پاران لڳايل فلٽر پلانٽ جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ انتظاميه سان ملاقات ڪئي ۽ اسپتال ۾ سهولتن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو. رياض حسين شاهه شيرازي پڻ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جي عيادت ڪندي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون. جنهن کان پوءِ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي، سيد غلام حيدر شاهه شيرازي ۽ ڊي ايف او سيد مدد علي شاهه ڪاظمي سان گڏ ڳوٺ سردار حاجي عمر خان لاشاري ۾ رئيس معشوق لاشاري جي والده ۽ سردار مرتضيٰ لاشاري سان هن جي سس جي وفات تي تعزيت ڪئي جتي صدر نواز لاشاري ۽ منصور قادر لاشاري ۽ لاشاري برادري جون ٻيون معزز شخصيتون پڻ موجود هيون. بعد ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي، سيد غلام حيدر شاهه شيرازي، ڊي ايف او سيد مدد علي ڪاظمي سان گڏ حاجي محمد خاصخيلي ۽ عبدالقادر خاصخيلي جي استقباليه ۾ پڻ شرڪت ڪئي.










