ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو آهي.ليکڪه ۽ اديبه فاطمه ڀٽو پنهنجي تازي ڄاول پٽ جو نالو پنهنجي مرحوم والد جي نالي سان رکيو آهي. هن سوشل ميڊيا تي پٽ جي پيدائش جي اطلاع ڏني.انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته رب پاڪ اسان کي پٽ جي دولت سان نوازيو آهي. فاطمه ڀٽو چيو ته اسان پنهنجي پٽ کي اهڙو نالو ڏيڻ پئي چاهيو جيڪو هن کي پيار، محبت، طاقت ۽ بي خوفي جو احساس ڏياري، پٽ تي نالو رکڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سوچيو پر هر ڀيري منهنجي والد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو نالو سامهون آيو. مون کي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکجو. فاطمه ڀٽو وڌيڪ چيو ته مون پنهنجي پٽ جو نالو ميرمرتضيٰ باترار رکيو آهي. اميد ته مون کي دعائن ۾ ياد رکندا. ياد رهي ته فاطمه ڀٽو اپريل 2023 ۾ ڪراچي ۾ پنهنجي اباڻي گهر 70 ڪلفٽن ۾ سادي تقريب دوران گراهم سان شادي ڪئي هئي.










