شهلا رضا جي دادو آمد،صوبائي وزير جي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات

شهلا رضا جي دادو آمد،صوبائي وزير جي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات

دادو(ن س) دادوصوبائي وزير شهلا رضا مقامي سماجي اڳواڻ آفتاب پنهور جي اپيل تي دادو پهچي وئي وزير وومين ڊيوليپمينٽ شهلا رضا تعلقي جوهي جي علائقي غلام حسين گاڏھي جي ٻوڏ متاثر عورتن سان ملاقات ڪري انهن کان مشڪلاتون ڏکيايون معلوم ڪيون ۽ ٻوڏ متاثر عورتن ۾ سردي کان بچاء لاء گرم ڪپڙا ورهيا سماجي تنظيم آر.ڊي.ايف جي اڳواڻ منظور لغاري پاران صوبائي وزير شهلا رضا کي بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمنٽ حيدرآباد عاشق حسين ڪلهوڙو، اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشر ياسين عباسي ،ڊي.ايڇ.او شاهد شيخ ،مختيارڪار جوهي عابد علي شاه،پلس ليگل ايڊ چئيرمين الطاف حسين کوسو،ايڊوڪيٽ فهد الياس ڏاوڇ پڻ موجود هيا صوبائي وزير شهلا رضا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دادو جا ماڻهون ٻوڏ جي حوالي سان ٻين ضلعن کان تمام گهڻي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن سنڌ حڪومت ۽ سماجي ادارن جي تعاون سان مدد جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن مشڪل گهڙي ۾ اسان سڀني کي گڏجي منهن ڏئڻو آهي ، مخئير حضرات ۽ سماجي ادارن کي وڌيڪ هتي ڪم ڪرڻ جي اپيل ٿي ڪريان سرديون وڌي رهيو آهن ولھ تي ويٺل ٻوڏ متاثرب جي ساهئتا لاء ڪوششون وٺو، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ آفتاب پنهور، سرائي اڪبر پنهور ۽ ٻين سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ۽ ڀليڪار ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو