شهدادپور: بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 ڄڻو قتل

شهدادپور: بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 ڄڻو قتل

شهدادپور (ن س)شهدادپور ٽنڊوآدم روڊ تي ڳوٺ ڀائي خان بروهي ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معاملي ڳالھ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو حضور بخش بروهي قتل ٿي ويو جنهن جي مڙه کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن چڪاس بعد فوتي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.وارثن موجب تي سليم بروهي کيس معاملي ڳالھ تان قتل ڪيو آهي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جاچ ڪندي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ڀاء دستگير بروهي موجب ته سندس ڀاءُ کي واڙي تي سليم بروهي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي سالي ڪرم خان بروھي موجب ته سليم بروهي تي ڪيس داخل آهن پر پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هوڏانهن مقتول جي مڙه کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ڌرين وڏي انگ شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو