ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ جو پٽ بهزاد ميمڻ وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل خلاف مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ هن موقف اختيارڪيو آهي ته شهباز گِل ٽي وي شو ۾ مون تي ۽ منهنجي والد تي ڪوڙا الزام مڙهي ساک خراب ڪئي آهي. ڊيفاميشن جي هن درخواست ۾ هن چيو آهي ته ٽي وي تي ويهي منهنجي والد جي ڪردار ڪشي ڪئي، منهنجو والد پوليس ۾ هڪ سٺو آفيسر هو، شهباز گل جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ هن جي خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، جوڊيشل مئجسٽريٽ درخواست وڌيڪ ڪاروائي لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي فارورڊ ڪري ڇڏي.










