اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت بغاوت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي وڪيل طور حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران شهباز گل ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ٿيو.پراسيڪيوٽر رضوان عباسي به عدالت ۾ پيش ٿيو.شهباز گل عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس وڪيل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته اڄ عدالتي وقت ختم ٿيڻ کان اڳ شهباز گل جو جزوي سامان واپس ڪيو وڃي.عدالت چيو ته شهباز گل چيو آهي ته سامان اڃا تائين نه ڏنو ويو آهي.گذريل ٻڌڻي تي عدالت سپرڊاري جي جزوي منظوري تي شهباز گل جو سامان واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.جج شهباز گل جو سامان واپس نه ڪرڻ تي پوليس کي ٻيهر عدالت ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو.عدالت شهباز گل جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










