اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر شفقت عباس کي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) لاهور جي ريجنل آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. شفقت عباس جي مقرري 15 جولاءِ 2024 کان لاڳو ٿيندي ۽ سندس مقرري غيرمعمولي مدي لاءِ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته شفقت عباس انفارميشن گروپ جي سينيئر تجربيڪار ۽ قابل آفيسرن مان آهي، هو ان کان اڳ اطلاعات واري وزارت جي ذيلي کاتن ۽ ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو پي آءِ ڊي اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر هوم پوليس، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري طور ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر/پي ايس او طور پڻ ڪم ڪيو آهي. . ان کان اڳ هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ لاهور ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.










