ٺٽو(ڊر)نجي اسڪول سٽي اسڪول پاران شاگردن ۽ شاگريادڻين جي ذھانت کي اجاگر ڪرڻ لاء سائنسي نمائش جو اھتمام ڪيو ويو، جنھن ۾ سرڪاري اسڪولن سميت خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور نموني حصو وٺي سائنسي ٽيڪنالاجي جا ماڊل پيش ڪري ڀرپور صلاحيتن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

منعقد ٿيل سائنسي نمائش ۾ اسڪول جي استادن ۽ استادياڻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر صنم آصف شاھ چيو تہ ھن سائنسي نمائش ڪرڻ جو مقصد اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري انھن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آھي، جنھن ۾ شاگردن ۽ ساگرياڻين بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي، ھن چيو تہ ضلعي ٺٽي جي سمورن شاگردن ۽ شاگرياڻين ۾ ٽيلينٽ موجود آھي، جن کي رھنمائي جي سخت ضرورت آھي.

ھن چيو تہ اسان چاھيون ٿا تہ ھھڙا پروگرام ڪري شاگردن کي وڌ کان ڄاڻ ڏيون، جنھن لاء ڪوششون جاري آھن. ھن چيو تہ ھھڙا پروگرام مختلف اسڪولن ۾ ڪندا رھنداسين، جنھن مان اتان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.










