ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ شاگرد يونين جي بحالي جي درخواست کي ڏنڊ سان رد ڪري ڇڏيو.عدالت درخواستگذار کي هاءِ ڪورٽ جي ڪلينڪ ۾ 10 هزار رپيا جرمانو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته شاگرد يونين جي بحالي ڇو چاهين ٿا؟ تعليم اڳ ئي تباهه ٿي چڪي آهي، توهان ان کي وڌيڪ ڇو تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا؟ عدالت درخواست ڏيندڙ کان پڇيو ته شاگرد يونين جو مقصد ۽ فائدو ڇا آهي.ان تي درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته يونين جو مقصد شاگردن کي پاليسي سازي ۾ نمائندگي فراهم ڪرڻ آهي.عدالت چيو ته، “ڇا شاگرد وائيس چانسلرن کي اهڙي طرح ڌمڪيون ڏيڻ چاهين ٿا جيئن ڪارخانن ۾ يونينون هونديون آهن؟”عدالت پڇيو ته، “درخواست ڏيندڙ جي موجوده حيثيت ڇا آهي؟ ڇا هو اڃا تائين شاگرد آهي؟”










