شاهه چارلس پنهنجي ڀاءُ کان ‘شهزادي’ جو لقب واپس وٺي ڇڏيو

شاهه چارلس پنهنجي ڀاءُ کان ‘شهزادي’ جو لقب واپس وٺي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سنگين الزامن کان پوءِ برطانوي بادشاهه چارلس پنهنجي ننڍي ڀاءُ شهزادي اينڊريو کان ‘شهزادي’ جو لقب واپس وٺي ڇڏيو ۽ اڄ شهزادي اينڊريو کي مليل سڀئي شاهي اعزاز به ختم ڪري ڇڏيندو، پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي بادشاهه چارلس اڄ پنهنجي ننڍي ڀاءُ شهزادي اينڊريو کان سڀئي شاهي سهولتون، جن ۾ لقب، اعزاز ۽ سرڪاري رهائش شامل آهن، باضابطه طور تي ختم ڪري ڇڏيندو، شهزادي اينڊريو جنسي الزامن کان پوءِ هن مهيني جي شروعات ۾ ڊيوڪ آف يارڪ سميت ٻيا شاهي لقب به ڇڏي ڏنا هئا. شهزادي اينڊريو انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. شهزادي اينڊريو هاڻي شهزادي جي حيثيت سان پنهنجو لقب وڃائڻ کان پوءِ اينڊريو مائونٽ بيٽن جي نالي سان سڃاتو ويندو.رپورٽن موجب، شهزادي اينڊريو هاڻي خانگي سينڊرنگهم اسٽيٽ ڏانهن منتقل ٿيندو، جنهن کي بادشاهه خانگي طور تي فنڊ ڏيندو.برطانوي شاهي محل پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته بادشاهه جون همدرديون متاثرين ۽ بچيلن سان آهن ۽ رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو