شاهه رخ  جو پنھنجي ٽيم لاءِ 2 پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو

شاهه رخ جو پنھنجي ٽيم لاءِ 2 پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو

ممبئي: (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان ڪيريبين پريميئر ليگ(سي پي ايل) ۾ پنهنجي ٽيم ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز(ٽي ڪي آر) لاءِ 2 پاڪستاني رانديگرن سان معاهدو ڪري ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سي پي ايل ۾ شاهه رخ خان جي فرنچائز ٽي ڪي آر سان معاهدو ڪندڙ 2 پاڪستاني رانديگرن ۾ محمد عامر ۽ محمد عثمان طارق شامل آهن. محمد عامر انهي کان اڳ به سي پي ايل جا 4 سيزن کيڏي چڪو آهي ۽ هو سي پي ايل جي 39 ميچز ۾ 18.09 جي شاندار اوسط سان 51 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.ڊيتهه اوورز ۾ پنهنجي سوئنگ ۽ مهارت لاءِ مشهور محمد عامر بابت اميد ڪئي پئي وڃي ته هو هلندڙ سيزن ۾ شاهه رخ خان جي فرنچائز ٽرنبا گونائب رائيڊرز جي بالنگ اٽيڪ کي مضبوط بنائيندي نوجوان رانديگرن لاءِ هڪ مثال بڻجندو.ٻئي طرف آف اسپنر محمد عثمان پهريون ڀيرو ويسٽ انڊين گرائونڊز ۾ ڊيبيو ڪندو. عثمان طارق پي ايس ايل 2025 ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي لاءِ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي هن پي ايس ايل جي تازي سيزن دوران صرف 5 ميچز ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.ياد رهي ته شاهه رخ خان اداڪاري سان گڏوگڏ رانديگرن ۾ دلچسپي رکڻ سبب سموري دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرڪيٽ فرنچائزز جو مالڪ آهي. ٽرنبا گونائٽ رائيڊرز(ٽي ڪي آر) ڪيريبين پريميئز ليگ جي مضبوط ٽيمن مان هڪ آهي جنهن سبب اها ٽيم 4 ڀيرا ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي. ٻئي طرف محمد عامر سميت پاڪستان جي سمورن رانديگرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي) ايل ۾ شموليت تي اڃان تائين پابندي لاڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو