شادي لاءِ دعائون گهران ٿي پر ٿي نه ٿئي: نورين گلواڻي

شادي لاءِ دعائون گهران ٿي پر ٿي نه ٿئي: نورين گلواڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪارا نورين گلواڻي شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي چينل تي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي شادي ۽ انڊسٽري تي بحث ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ نورين گلواڻي چيو ته هوءَ به پنهنجي شادي لاءِ دعائون گهرندي آهي پر شادي نه ٿي رهي آهي، ميزبان سوال پڇيو ته توهان ڇوڪرو سان ڪيئن شادي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هو جانورن ۽ فطرت سان پيار ڪندڙ، ذهين، قدآور هجڻ سان گڏ رانديگر ۽ سٺيون عادتون به رکندڙ هجي،هن وڌيڪ چيو ته مان ڇوڪرن کي شادي لاءِ نه سمجهندي آهيان، سوشل ميڊيا تي ماڻهو تبصرا ڪندا آهن پر مان انهن ميسيجز کي نه کوليندي آهيان ۽ نه ڊيليٽ ڪندي آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو