سکر ۾ برساتن جو 77 ساله رڪارڊ ٽٽي ويو، 24 ڄڻا زخمي، 42 گهر تباهه

سکر ۾ برساتن جو 77 ساله رڪارڊ ٽٽي ويو، 24 ڄڻا زخمي، 42 گهر تباهه

سکر: (ن س) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ضلعن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. سکر ۾ برسات جو گذريل 77 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، جتي 24 ڪلاڪن دوران 4 اسپيلز ۾ 26.3 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات دوران مختلف واقعن ۾ 24 ڄڻا زخمي جڏهن ته 42 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.سکر ۾ پيل طوفاني برسات کي بند ٿئي ته ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا آهن پر ان کان پوءِ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، مقامي انتظاميه ٻڌايو آهي ته سکر ۾ گذريل 36 ڪلاڪن دوران رڪارڊ ٽوڙ برسات پئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب 2 ڏينهن جي برسات دوران مختلف واقعن ۾ 24 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، برسات سبب 42 گهر تباهه ٿي ويا جڏهن ته 5 گهرن کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو، مختلف واقعن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 جانور مري ويا آهن. سکر جي ميئر ٻڌايو آهي ته شهر ۾ 77 ساله تاريخ جي تيز ترين برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، برسات سبب لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز جا علائقا به ٻڏي ويا آهن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه جي دعويٰ آهي ته شهر جي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي، پراڻي سکر، شاليمار، بکر چوڪ، واپاري مرڪز گهنٽه گهر ۽ چوڌاري واپاري مرڪزن مان پاڻي جو نيڪال ڪيو ويو آهي جڏهن ته سکر ريلوي اسٽيشن تي پاڻي اڃان تائين موجود آهي. سکر ۾ 40 ڪلاڪن کان پوءِ بجلي بحال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو