سکر ميونسپالٽي 1856ع ۾ شروع ٿي، جڏهن شهر جي آدم شماري 12 هزارن کي قريب پهچڻ تي هئي، ان وقت جي انگريز حڪومت شهر واسين مان ميمبر چونڊيندي هئي، صدارت ان وقت جو ڪليڪٽر ڪندو هو، جو شڪارپور ۾ رهندو هو، ڇو ته ان وقت سکر جو ضلعو شڪارپور هو.1883ع ۾ جڏهن سکر کي ضلعي جي حيثيت ملي ته ان وقت کان بعد 1884ع ۾ سکر جي شهرين کي ميمبر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو، مگر صدر ڪليڪٽر ٿيندو هو، راءِ صاحب ديوان پيسومل ذوقيرام پهريون شهر واسي هيو جنهن کي صدارت جي ڪرسي ملي. سکـر شـهـر جــي وڌنـــدڙ آدمشمـاري جي تاريخ سان ، سال 1844ع ۾ آبادي 4000، سال 1858ع ۾ آبادي 8000، سال 1872ع ۾ آبادي 13318، سال 1881ع ۾ آبادي 27389، سال 1891ع ۾ آبادي 29302، سال 1901ع ۾ آبادي 31316، ۽ سال 1911ع ۾ آبادي 35294. سال 1911 واري آدمشماري ۾ ھندن جي آبادي 22 ھزار کان مٿي ھئي . 1911ع ۾ شهر واسين کي صدر چونڊڻ جو حق ڏنو ويو ۽ سکر جو مشهور وڪيل ديوان ڀوڄ سنگهه کي صدر چونڊيو ويو، ۽ ھو 1914ع تائين صدر رهيو.1922ع کان 1928ع تائين ٻيون دفعو صدر ٿيو، 1936ع ۾ سنڌ، بمبئي کان جڏهن ڌار ٿي الڳ صوبائي حيثيت ۾ واپس بحال ٿيو ته ان وقت ۾ ديوان ڀوڄ سنگهه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر طور مقرر ٿيو، ۽ هو صاحب ميونسپل جنرل لائبريري جو چيئرمين به هيو. ديوان صاحب جي چيئرمينيءَ واري دور ۾ سکر جنرل لائبريري بيحد ترقي ڪئي ۽ ان وقت ۾ اٽڪل 5000 هزار ڪتاب هر فن ۽ فڪر تي موجود هئا، جيڪي 1947ع واري لڏپلاڻ جي وقت هندو پاڻ سان گڏ بيش بها ڪتابي نسخا کڻي ويا. 1914ع کان 1922ع تائين ميان پير بخش سي – آءِ – اي رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر سکر ميونسپالٽي جو صدر مقرر ٿيو. 1928ع کان 1937ع تائين ديوان بهادر ايسر سنگهه پبلڪ پراسيڪيوٽر صدر ٿيو. 1938ع کان 1947ع تائين مسٽر بسنترام موٽواڻي وڪيل صدر هو، مٿئين بيان مان اهو معلوم ڪندا هلندا ته 1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ فقط هڪ دفعو مسلمان صدر ٿيو، باقي سڄو عرصو هندو صدارت جي ڪرسي ماڻيندا رهيا ڇو ته پڙهيل لکيل اڪثريت هنن جي هئي. ان جو سبب گهڻي دولت ۽ پاڻ ۾ اتفاق به ٿي سگهي ٿو ۽ سکر جي آبادي ۾ هندو اڪثريت ۾ هئا. (هي معلومات واٽس ايپ گروپ تان ملي آهي ۽ دلچسپ تاريخ لڳي ان ڪري اسين شايع ڪريون ٿا، ڪو دوست اصلاح به ڪري سگهي ٿو…ادارو)










