اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) موجب سڄي ملڪ ۾ واڪ ان ڪورونا ويڪسينيشن جي سهوليت اڄ کان ملي سگهندي. اين سي او سي طرفان چيو ويو آهي ته 70 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي واڪ ان ويڪسينيشن جي سهوليت فراهم ڪئي ويندي. رپورٽ موجب 70 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ان شهرين کي جنهن پهريان رجسٽريشن ڪرائي آهي ان کي پهرين اچو ۽ پهرين لڳرايو جي بنياد تي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.اين سي او سي 70 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي واڪ ان ويڪسينيشن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن اين سي او سي طرفان چيو ويو هو ته 70 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا رجسٽرڊ شهري سڀاڻي کان ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر ۾ وڃي بنا نمبر جي ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا.اين سي او سي موجب ويڪسين لڳرائڻ جي لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ضرورت هوندي جڏهن ته رجسٽريشن 1166 تي قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر موڪلي ڪرائي سگهجي ٿي.










