دڙو (ن سنڌ يار) ٻنون پوليس سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او پاران علائقي ۾ سري عام ڪڪڙن جي ميل سميت منشيات ۽ سماجي براين جي کلي ڇوٽ ڏئي وئي آَهي ٻنون واسين پاران سخت احتجاج جو چتاء۔ ڪڪڙن جي ميل منشيات ۽ ٻيون سماجي برائيون بند ڪرائي ٻنون پوليس خلاف سخت ڪارروائي جي گھر۔ خبر موجب سجاول ضلعي جي شھر ٻنون جي مقامي پوليس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪمن کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي ٻنون سميت ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ ڳرين رشوتن عيوض بندش پيل ڪڪڙن جي ميل۔ منشيات موتمار گٽڪي ۽ ٻين سماجي برائين جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي۽ اعلا عدالتن پاران بندش پيل ڪڪڙن جي ميل تي هزارن جي تعداد ۾ شوقين بازيون لڳائڻ لڳا آھن۔ روزانو لکين روپين جي بازي هارائڻ سبب ڪيترائي شوقين ڪنگال بڻجي ويا۔ جڏھن ته زهريلي گهٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپاري جي واپارين کان لکين روپيا رشوت وٺڻ کان علاوه چرس، ڪچو شراب، آفيم گٽڪو مين پڙي ۽ آڪڙا پرچي جي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي۔ رپورٽ موجب ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او ملڪ عبدالجبار جي سرپرستي ھيٺ ٻنون، قارڏنو شاھ موري، ابڙال، حسين پور، کڏي ٻيلو، ڊڀوموري، موالي موري سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ڪڪڙن جي ميل گٽڪي۔ ڪچي شراب چرس ۽ ٻين سماجي برائين جا اھم مرڪز بڻيل آھن۔ جتان ٻنون پوليس جا اھلڪار سري عام ڀتا اوڳاڙيندي نظر اچن ٿا۔ هتان جي رهواسين عبدالغني جوش پليجو، ھاشم سومرو، اجمل سومرو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او ملڪ عبدالجبار ٻنون انساني جانين سان کيڏي رهيو آهي۔ بااثر ايس ايڇ او جا خاص ڪارنده سڄي علائقي مان سرعام رشوت اوڳاڙي رهيا آهن۔ ھنن ٻنون پوليس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چتاء ڏنو آھي ته جيڪڏھن فوري طور تي ڪڪڙن جي ميل منشيات ۽ ٻيون سماجي برائيون بند نه ڪرايون ويون ته سخت احتجاج ڪيو ويندو۔










