عرفات(ويب ڊيسڪ) شيخ علي الحذيفي، جيڪو مسجد نبوي ﷺ جو امام آهي، اڱاري ڏينهن نمِره مسجد ۾ خطبهِ عرفات ڏنو۔
هن خطبي ۾ مڪه جي نائب گورنر شهزادو سعود بن مشعل، وڏي مفتي شيخ صالح الفوزان، وزيرِ اسلامي امور شيخ عبد اللطيف آل شيخ، ۽ مذهبي معاملن جي اداري جي سربراهه شيخ عبد الرحمان السديس پڻ شرڪت ڪئي۔
سعودي پريس ايجنسي موجب خطبي ۾ شيخ علي الحذيفي زور ڏنو ته حج اسلام جو هڪ بنيادي رڪن آهي جيڪو مڪمل توحيد ۽ الله جي اطاعت تي ٻڌل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حج مختلف قومن، ملڪن ۽ پس منظرن سان تعلق رکندڙ مسلمانن جي وچ ۾ تعارف، هم آهنگي، تعاون ۽ اتحاد جو اهم پليٽفارم آهي۔
الحذيفي چيو ته صحيح حج لاءِ سٺي اخلاق، سچ ڳالهائڻ، گناهن کان بچڻ، جهڳڙن کان پاسو ڪرڻ ۽ سياسي يا گروهي نعرا نه لڳائڻ ضروري آهي۔
خطبي ۾ اسلام جا بنيادي اصول، الله جو خوف اختيار ڪرڻ ۽ مؤمنن لاءِ خدائي مدد جي عالمي قانونن تي به روشني وڌي وئي۔
هن حاجين کي حج جي مناسڪن جا مرحلا ترتيب سان ادا ڪرڻ، سڪون برقرار رکڻ، رش کان بچڻ ۽ عوامي سلامتي لاءِ لاڳو هدايتن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔
خطبي جي آخر ۾ هن دعا ڪئي ته الله حاجين جي عبادتن کي قبول فرمائي، مسلم امه کي اتحاد عطا ڪري ۽ سعودي قيادت کي ٻن مقدس مسجدن جي خدمت ۾ برڪت ڏئي۔
خطبي کان پوءِ حاجين ظہر ۽ عصر جون نمازون گڏ ۽ مختصر صورت ۾ ادا ڪيون، جيئن سنتِ نبوي ﷺ آهي۔










