سيڪيورٽي خدشا، ٽنهي فوجن سان لاڳاپيل يونيورسٽيون بند

سيڪيورٽي خدشا، ٽنهي فوجن سان لاڳاپيل يونيورسٽيون بند

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جون 3 يونيورسٽيون اڻڄاتل مدت تائين بند ڪيون ويون.ذريعن موجب نيوي، ايئر ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا،يونيورسٽين جي بندش سبب شاگردن جا فائنل امتحان به متاثر ٿيا آهن،اسلام آباد جي انهن يونيورسٽين واري علائقي ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا پڻ بند ڪيا ويا، يونيورسٽي انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شاگردن کي رات دير سان يونيورسٽين کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي،اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ چونڊن ۽ پريس ڪلب تي ڌرڻن سبب سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف سڪيورٽي ادارن راڄڌاني اسلام آباد جي نواحي علائقن ۾ رات دير سان سرچ آپريشن ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو