راولپنڊي: (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ سيڪيورٽي سببن جي آڌار تي بشريٰ بي بي کي ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ بشريٰ بي بي جي خلاف 9 مئي جي ڪيسن جي جاچ ۽ جسماني ريماند جي معاملي تي دهشتگردي جي انت واري عدالت کي خط لکي ڇڏيو.ايس پي اڊيالا جيل خط ۾ لکيو ته سيڪيورٽي سببن جي آڌار تي اڊيالا جيل ۾ اڄ ٻڌڻي ممڪن نه آهي. جيل ۾ 190 ملين پائونڊ جي ٻڌڻي به ٿي آهي، بشريٰ بي بي کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري پيش نٿو ڪري سگهجي.ايس پي جيل جي خط تي وڪيل چيو ته عدالتي حڪمن جي سامهون سپرنٽينڊنٽ جيل جي خط جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، دهشتگردي جي انت واري عدالت اڄ بشريٰ بي بي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي ٻڌڻي مقرر ڪئي هئي.










