ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن (پي بي اي) جي چيئرمين شڪيل مسعود، ڊائريڪٽر پي بي اي محمد علي ڀٽ سان پنهنجي آفيس ۾ اڄ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر اطلاعات ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اشتهارات امتياز علي جويو ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين پي بي اي جي وچ ۾ سنڌ حڪومت ۽ براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا جي گڏيل لاڳاپن جي استحڪام ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ عوام ڀلائي جي منصوبن کي ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ ۽ عوامي آگاهي جي عمل کي وڌيڪ موثر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ مواصلاتي ۽ روڊن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ٿرڪول پاور پراجيڪٽ سنڌ حڪومت جو لينڊ مارڪ پراجيڪٽ آهي ان سان گڏو گڏ پوري صوبي ۾ روڊن جي پلن جي تعمير جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. درياء سنڌ تي پلن جي تعمير سان وڏن رستن جي سفر کي مختصر ڪيو ويو آهي جنهن سان هڪ شهر کان ٻئي شهر جو سفر ڪرڻ وارن کي آساني ٿيندي. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پڻ شاندار ڪم ڪيا آهن. صوبي جي مختلف شهرن ۾ انٽر سٽي بس سروس کان علاوه ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ پيپلز بس سروس جي انتهائي سستي، پرسڪون ۽ جديد سروس شروع ڪئي وئي آهي، عورتن لاءِ مختص پنڪ بس سروس جي شروعات ٿي آهي جيڪا عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي طرف هڪ ٻيو مستحڪم قدم آهي. ڪراچي ۾ جديد ترين اليڪٽرڪ بسيون پڻ هلايون پيون وڃن ۽ ڪراچي شهر جي مختلف روٽن تي ٽرانسپورٽ کاتو هي بسيون هلائي رهيو آهي جنهن جي شهرين زبردست موٽ ڏني آهي. اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ عوامي ڀلائي جي ٻين شعبن سان گڏو گڏ صحافين، صحافتي انجمنن، صحافتي ادارن ۽ ميڊيا هائوسز جي ڀلائي لاءِ پڻ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ چيئرمين پي بي اي شڪيل مسعود ميڊيا هائوسز جي واجبات جي وقت تي ادائيگي تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.










