سيپيڪ جي اوٽ ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪريو، ڳوٺاڻا

سيپيڪ جي اوٽ ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪريو، ڳوٺاڻا

ڪراچي (ن سنڌيار) ڌاٻيجي ۾ سيپيڪ جي آڙ ۾ قديمي ڳوٺن ڳوٺ ﷲ ڏنو ڪلمتي بلوچ, ڳوٺ پنھون ڪلمتي بلوچ, ڳوٺ قبول ڪلمتي بلوچ, نبي بخش ڪلمتي بلوچ ڳوٺ, سيد انور شاهه ڳوٺ ,بچو ڪولهي ۽ ٻين ڳوٺن جي زمينن تي  لينڊ مافيا پاران قبضو ڪري مقامي ڳوٺاڻن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، سي پيڪ جي آڙ ۾ لينڊ  مافيا جي ڳوٺن تي چاڙھائي سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو  لينڊ مافيا جو  عظيم عقيلي جيڪو امير علي اسٽيل مل جو ڪرتا ڌرتا آهي اهو مقامي لينڊ مافيا جي ماڻهن سان  ملي ڪري ڳوٺاڻن جي  زمينن تي قبضو ڪري ماڻهن کي پنهنجن هٿياربند غنڊن هٿان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ حراسان ڪري رهيو آهي مقامي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي  پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا رهائشي پذير آهيون اسان وٽ ڪاغذ موجود آهن پر روينيو کاتي جي ڪجهه ڪرپٽ آفيسر  مافيا سان ملي ڪري اسان جو زمينون ۽ اسان جا ڳوٺ سي پيڪ جي آڙ ۾   فيڪٽري مالڪن جي حوالي ڪيا پيا وڃن اسان اعليٰ ادارن , سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريو ٿا خدارا اسان کي ۽ اسان جي ڳوٺن کي اسان جي رستن کي تحفظ ڏنو وڃي اسان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان, چيف سيڪريٽري سنڌ کي به اپيل ٿا ڪريون خدارا اسان اسا انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي قديمي ڳوٺن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو