اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينئر صحافي شاڪر سولنگي جو نوجوان پٽ شيراز شاڪر ننڍ ۾ دل جو دورو پوڻ سبب الله کي پيارو ٿي ويو.
27 سالن جو شيراز شاڪر چين جي سچوان يونيورسٽي مان ڊگري ڪري 24 جولاءِ تي وطن موٽيو هو. هن کي ٽڪ ٽاڪ جي لاڳاپيل ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ ٿي هئي، اڄ سومر 3 آگسٽ تي ملازمت جو معاهدو سائن ڪرڻو هو.
شيراز شاڪر سولنگي کي موت مهلت ئي نه ڏني ۽ قدرت سندس خاندان کان خوشيون ئي کسي ورتيون.
سندس جنازي نماز الحبيب مرڪز جي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ طارق فضل چوڌري، پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر، ڪيپٽن(ر) واصف، اسلام آباد پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شاڪر سولنگي پنهنجي خاندان سان گڏ تدفين لاءِ ميت خيرپور جي پنهنجي اباڻي ڳوٺ گاگڙي کڻائي روانو ٿي ويو.










