ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سوناکشي سنها پنهنجي والد اداڪار شتروگهن سنها جو هڪ ڊگهو خواب پورو ڪري ڇڏيو.سوناڪشي سنها هن وقت پنهنجي ويب سيريز ” دھاڙ “ جي پروموشن ۾ مصروف آهي.هن تازو هڪ پروموشنل تقريب دوران انڪشاف ڪيو ته منهنجو پيءُ چاهي ٿو ته مان وڏو ٿي پوليس آفيسر ٿيان.پنهنجي ويب سيريز تي پنهنجي پيءُ شتروگھن سنها جي ردعمل بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ تمام گهڻي خوش آهي ڇو ته جڏهن مان ننڍو هوس ته پاپا پنهنجن دوستن کي چوندا هئا ته منهنجي ڌيءَ پوليس آفيسر ٿيندي.پوءِ هن سيريل ۾ منهنجي ڪردار لاءِ پوليس يونيفارم پائڻ بعد مون کيس پنهنجي هڪ تصوير موڪلي ۽ چيو ته اڄ مون تنهنجو خواب پورو ڪيو.هن ويب سيريز ”دھاڙ“ ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته مون کي ڪافي عرصي کان مضبوط ڪردار جي ڳولا هئي ۽ هي تمام دلچسپ ڪردار آهي ڇو ته ان ۾ مزيدار عنصر آهن.هن چيو ته منهنجي دل هن وقت تمام تيز ڌڙڪي رهي آهي ڇو ته مان ڏاڍو پرجوش آهيان ۽ هي ويب سيريز به منهنجو ڊجيٽل ڊيبيو آهي، ناظرین مون کي پهريون ڀيرو ڊگهي سيريز ۾ ڏسندا.










