ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر ) سون جي عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمت گهٽ ٿي وئي، انهي سان گڏوگڏ چاندي به سستي ٿي وئي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن في اونس سون جي قيمت ۾ 6 ڊالرن جي گهٽٽائي رڪارڊ ٿيڻ سان نئين عالمي قيمت 4 هزار 730 ڊالر في اونس جي سطح تي اچي وئي.
ٻئي طرف مقامي صرافه بازارن اڄ سومر جي ڏينهن 24 قيراط رکندڙ في تولي سون جي قيمت به 1600 روپيه گهٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 لک 95 هزار 632 روپيه في تولي جي سطح تي اچي وئي آهي. اهڙي طرح ملڪ ۾ في 10 گرام سون جي قيمت 1371 روپيه گهٽ ٿي 4 لک 24 هزار 693 روپيه ٿي وئي آهي.
سون جي قيمتن سان گڏوگڏ مقامي سطح تي في تولو چاندي جي قيمت به 130 روپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 934 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 111 روپيه جي گهٽتائي سان 6 هزار 802 روپين جي سطح تي اچي وئي. ياد رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن به سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي هئي










