سون اسمگل ڪندڙ 2 پي آءِ اي ملازم گرفتار، جاچ جاري

سون اسمگل ڪندڙ 2 پي آءِ اي ملازم گرفتار، جاچ جاري

پشاور(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سون اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جي ٻن ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي آي واءِ نيوز جي رپورٽ موجب ناصر خان ۽ شهيدالله خان نالي جوابدار 7740 گرام سون اسمگل ڪري رهيا هئا. جنهن جي ماليت پوڻا 28 ڪروڙ ٻڌائي پئي وڃي. ٻنهي کي ايئرپورٽ سيڪورٽي فورس ۽ ايف آي اي جي گڏيل آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو. ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب جوابدار ڪنهن وڏي عالمي گروهه جا ڪارندا لڳن ٿا ۽ جاچ بعد وڌيڪ گرفتاريون ممڪن آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو