دادو(ادل مهيسر)سال 2012ع ۾ حڪومت جي منظوري بغير، سوشل ويلفيئر کاتي جي بجٽ ۾ بغير ايس اين اي ۽ نوڪري جون تقاضائون پوريون ڪرڻ بنا 14 کان 17 گريڊ ۾ جعلي طريقي سان ڀرتي ٿيل هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن بابت چيف سيڪريٽري جي اجازت کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پاران ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيف الله هاليپوٽو پاران ليٽر جاري ڪندي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کان پڇيو ويو آهي ته 17 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل مختيار شيخ، مسمات فرحين ميمڻ، وقار علي چنه، شبانه جوکيو جڏهن ته 16 گريڊ ۾ شيراز مري ۽ 14 اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيل عبدالغفار عباسي ۽ صادق لاشاري کي ايس اين اي کان بغير جعلي ڀرتي باوجود کين ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان پگهارون ڇو ڏنيون ويون آهن. جنهن کان پوءِ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ کان وٺي هيٺين سطح ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس دادو ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. جڏهن ته پنهنجي ڪرپشن، نااهلي ۽ سزا کان بچڻ لاء هلندڙ انڪوائري جي باوجود سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي آفيسرن لکين روپيه رشوت ڏئي مٿي ڄاڻايل مختيار شيخ ۽ صادق لاشاري کي دادو، فرحين ميمڻ کي حيدرآباد، وقار علي چنه،عبدالغفارعباسي کي لاڙڪاڻو، شبانه جوکيو کي ٺٽو،شيراز چنه کي جيڪب آباد، 14 کان 17 گريڊ جي آفيسرن کي امپاورمينٽ پرسنس وٿ ڊس ايبلٽي کاتي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ته جيئن جعلي ڀرتي ڪيل ماڻهن جو سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڪنهن به جانچ ڪندڙ اداري کي ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهي.اهو به معلوم ٿيو آهي خزانه آفيس جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ علي بخش ميمڻ امپاورمينٽ کاتي جي سيڪشن آفيسر رحم علي بگٽي جي ٽياڪڙي ۽ ملي ڀڳت سان هڪ ڪروڙ کان مٿي رشوت عيوض امپاورمينٽ جي سيڪريٽري خالد حسين چاچڙ کين پنهنجي کاتي ۾ جعلي ڀرتي ملازمن کي پناه ڏيئي ڇڏي آهي پر اينٽي ڪرپشن پاران سمورا ثبوت هٿ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي.










