ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر سوشل ويلفيئر کاتي جي ڪارڪردگي تي ناراض ٿي ان حوالي سان سيڪريٽري سوشل ويلفيئر کي خط لکي ڇڏيو.سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته سماجي ڀلائي واري کاتي جو بنيادي ڪم سماجي براين جي پاڙ پٽڻ آهي. هن پنهنجي خط ۾ چيو ته کاتي جو ڪم يتيم خانو قائم ڪرڻ، معذورن جي بحالي ۽ ڪميونٽي جي ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي، سماجي ڀلائي کاتو پابند آهي ته هو پنهنجي منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر خط ۾ چيو آهي ته بدقسمتي سان 6 مهينن ۾ کاتي مسئلن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، ڪنهن به ڪم ۾ ڪا به اڳڀرائي يا ڪاميابي نه ٿي ڏيکاري. خط ۾ هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت کاتي کي ڪافي فنڊز مختص ڪيا ۽ جاري ڪيا پر کاتي پاران عوام جا مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس قدم نه کنيو ويو. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال سوشل ويلفيئر کاتي جي بجيٽ جو رڳو 40 سيڪڙو استعمال ڪيو ويو.هن چيو ته اها ڪارڪردگي ظاهر ڪري ٿي ته کاتو پنهنجي بنيادي ذميواري نڀائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کاتو سرڪاري پاليسين کي پروفيشنل انداز ۾ ترجيح نه ڏئي رهيو آهي.خط ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وڌيڪ چيو آهي ته سماجي ڀلائي واري کاتي ۾ انتظامي معاملن تي عملدرآمد جي صلاحيت ناهي.خط ذريعي هن هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس 1986ع تحت عوامي خدمت لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون وڃن.










