سوات(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه صوبي جي مالاڪنڊ ڊويزن جي ضلعي سوات ۾ اسڪول وين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور مارجي ويو.پوليس موجب سوات جي علائقي چار باغ جي علائقي گلي باغ ۾ نامعلوم ماڻهن اسڪول وين تي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪول وين تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊرائيور مارجي ويو جڏهن ته 2 شاگرد زخمي ٿي پيا.جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.زخمي شاگردن ۽ فوت ٿيل ڊرائيور جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.










