لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيورو (نيب) واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين مزمل حسين کي ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. نيب اڳوڻي چيئرمين واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) مزمل حسين کي 20 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب لاهور اڳوڻي واپڊا چيئرمين کي 6 جون تي طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو هو. اڳوڻي چيئرمين واپڊا تي تربيلا منصوبي ۾ 75 ڪروڙ 30 لک جي ڪرپشن جو الزام آهي.










