سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائي افغانين کي آباد ڪيو پيو وڃي

سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائي افغانين کي آباد ڪيو پيو وڃي

حيدرآباد (ن س) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ۽ عبدالرحمٰن سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائي افغانين کي آباد ڪيو پيو وڃي. افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي هٿيارن ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي کلي ڇوٽ مليل آهي. بارڊر تان اسمگل ٿيل هٿيارن جي ڌاڙيلن تائين آسان فراهمي سبب سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي. هڪڙي پاسي ڀنگ وٺڻ لاء ڌاڙيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي اغوا ڪري مٿن وحشياڻو تشدد ڪري، کين اگهاڙو ڪري فحش وڊيو ٺاهي، سندن پورهيت وارثن کي پنهنجو الھ تلھ وڪڻي ڀنگ ڀرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري عيد ايندي ئي ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ماڻهو ڦرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي جي ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائي به پوليس جي ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي جيان هڪ مذاق آهي. ٽرانسپورٽ کاتي وارا ننڍن ٽرانسپورٽرن کان ڀتو وٺي کين ماڻهو ڦرڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، باقي وڏا ٽرانسپورٽ ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل وڏيرا ۽ جاگيردار ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ڪارندا آهن جن کي ڄڻ ته ماڻهو ڦرڻ جي سند مليل آهي. ٻي طرف چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن سبب سنڌ جو ماڻهو خوف ۽ حراس ۾ رهي ٿو. عوام کان ڊفينس جي نالي ۾ ڳريون ٽيڪسون ورتيون وڃن ٿيون، ڊفينس جي بجيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو پر اهي پئسا ماڻهن جي بچاء بدران اقتداري سازشن تي استعمال ٿين پيا جنهنڪري ملڪ خصوصن سنڌ جي ماڻهن جو ڪو به تحفظ نه پيو ٿئي. ماڻهو انتهائي مجبوري، لاچاري، مفلسي ۽ خوف ۾ ورتل زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌي هندو ته ملڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن. هڪ اخبار جي رپورٽ موجب هن وقت ڪشمورڪنڌڪوٽ ضلعي جا 35 ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، هڪڙي ئي ضلعي جي 35 خاندانن جي عيد ماتم ۾ گذري پئي، مٿان وري 100 هندو خاندان بدامني ۽ ڀتاخوري کان تنگ ٿي ڀارت وڃي رهيا آهن جنهن سبب عالمي طور ملڪ جو مورال ڪري پيو آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ هڪ انتهاپسند ملڪ طور ٿي رهي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ٽرانسپورٽرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي عوام جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي، ان سان گڏ ڌاڙيلن جي قيد ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ پوليس آفيسرن، ٻين سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن ۽ پرڏيهي اسمگلرن کي ڦاهين تي لٽڪايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو