ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير طرفان سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ساريالي فصل جي پوکي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جِي هدايت، اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ساريالي فصل لاءِ روزانو 16.50 ايم ايم پاڻي گهرجي، سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ساريالي فصل پوکڻ سبب ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار متاثر ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ٻيچارو پوکيو آهي ته ان کي به ختم ڪيو وڃي، آبپاشي، زراعت ۽ روينيو کاتي سوڌو ضلعي انتظاميا کي پابندين تي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










