ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ طرفان ڪشمور کان نڪتل سنڌ امن مارچ پنهنجي آخري منزل راڄڌاني ڪراچي پهتو، پريس ڪلب آڏو جلسي ۾مرڪزي قائد جميعت مولانا فضل الرحمٰن، سيڪريٽري جنرل سينيٽر عبدالغفور حيدري، صوبائي صدر سنڌ عبدالقيوم هاليجوي، جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، نائب صوبائي امير سيد سراج احمد شاهه امروٽي، مرڪزي نائب امير غلام قادر باواني، مرڪزي ترجمان محمد اسلم غوري، مرڪزي ناظم سعود افضل هاليجوي، حاجي عبدالرزاق عابد لاکو، ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو سميت اهم اڳواڻن جو خطاب ڪيو. جلسي ۾هزارين ماڻهن جو هجوم شريڪ هو. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي قائد جميعت مولانا فضل الرحمٰن چيو ته ڪي پي ڪي ۾امن امان نالي جي ڪائي شيءِ ڪونهي، بلوچستان ۾ بدامني جو راڄ آهي، ماڻهن کي کنڀي لاپته ڪيو وڃي ٿو، اڄ کان ويهه پنجويهه سال پهرين اهو سلسلو شروع ٿيو ته اسان ڪوئٽه جي ميزان چوڪ تي آوزا اٿاريو هو. هن چيو ته اسان جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، عوامي مينڊيٽ چوري ڪيو ويوآهي، صبر جو دامن هٿن مان وڃڻ نه ڏنو ۽ سياسي تحريڪ جاري رکي آهي، اسان اسلام آباد تي قبضو به ڪري سگهون ٿا پر اسان ان حد تائين وڃڻ نه ٿا چاهيون. ميمڊيٽ ريوڙيون ناهن جو توهان من پسند ماڻهن کي ورهائيندا وتو، اهو سلسلو هاڻ وڌيڪ نه هلندو. مولانا چيو ته جميعت هميشه محبت کي فروع ڏنو آهي، فرقيواريت هجي يا قومپرستي جي نالي تي نفرت هجي ، ان کي رد ڪيو آهي، حڪمرانن ۽ ايجنسين آواز دٻائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا آهن ، نامعلوم قوتن جي هٿان نشانو بڻايو پيو وڃي،اسلام جي غلط تشريح ڪري اسان کي شدت پسند ڏيکاريو پيو وڃي، پر سمورن انساني حقن جي تحفظ لاءِ دين اسلام کانسواءِ ڪوئي نظام نه آهي، اسان ملڪ ۾صوبن ۽ قومن جي برار حقن جي گهر ڪيون ٿا. هن چيو ته بيت المقدس جي آزادي ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ويڙهه جاري رکنداسين، امت ڇڙوڇڙ آهي، ان ڪري غلام آهيون، دوحا ۽ قطر ۾ اسلامي دنيا جو ڪٺ هڪ سٺو سنوڻ آهي، اسلامي سربراهي ڪانفرنس کان وڏي توقع رکي پئي وئي ، اسلامي بلاڪ طرف اهو پهريون قدم آهي، وڇوٽيون ختم ڪيون وڃن. هڪ گڏيل دفاعي قوت جي ضرورت آهي. غزه، ڪشمير ، برما سميت دنيا جي ڪنهن به خطي ۾مسلمانن جي لاءِ اٿڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ پاڪستان پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي مسلم دنيا جي قيادت لاءِ اڳتي اچن، پاڪ سعودي دفاعي معاهدو وڏي اڳڀرائي آهي. غزه ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي رسد کي روڪيو ويو آهي، ڪنهن به مذاڪرتي ميز تي ڳالهيون ڪرڻ کان پهريان ٻه رياستي حل جون تجويزون اسرائيل جي حق ۾آهن هو ان جو ناجائز فائدو کڻندو، هو ته حرمين تائين قبضي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان خلاف هر فورم تي سخت موقف ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جميعت هميشه ملڪي مفادن جي ڳالهه ڪئي آهي، حڪمران عياشي ڪري رهيا آهن ، اهو غريب انسانن تي ظلم آهي، حڪومت وٽ ملازمن جي پگهارن لاءِ پيسو ڪونهي، هڪ طرف دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻئي طرف 10 سيڪڙو بجيٽ مسلح گروهن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو، هر منصوبي جي بجيٽ مان انهن کي حصو ملي ٿو، سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، آئين ۽ قانون سان گڏ، پارليامينٽ سان بيٺا آهيون، رياست جي بلادستي چاهيون ٿا، آئين ۽ قانون کي هٿ ۾کڻڻ وارن کي ڪوئي هق ناهي، بندوق هٿ م هجي توهان پهاڙن تي چڙهي وڃو ڪنهن کي به ماري ڇڏيو اهو ٿيڻ نه ڏنو ويندو، رياست جي اندر رياست هلن نه ڏينداسين، ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڪڍيو وڃي،قوم کي هڪ صف تي آڻڻ لاءِ چئني صوبن ۾ عوامي مارچ ٿيندا ، ملڪ اندر يڪجهتي جي فضا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، حڪمران به پنهنجو قبلو درست ڪن، اهي سڌا نه هلندا ته پوءِ اسان به ساڳي انداز ۾ هلنداسين، آمريڪا اسان کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن افغنستان، عراق ، لبيا تي حملا ڪيا، هن پنهنجو رويو درست ڪيو ته پوءِ اسان جو ان سان ڪوئي اختلاف ڪونهي. ان موقعي تي صوبائي صدر جمعيت سنڌ عبدالقيوم هاليجوي چيو ته اڄان به چئي رهيا آهيون ته حڪمران هوش کان ڪم وٺن، ائين نه ٿي جو کين ڪٿي لڪڻ جي جاءِ به نه ملي، تحريڪ جاري رهندي، جتي به ويا آهيون ڪٿي به عوام حڪومت کان خوش ناهن، ٻار اغوا ٿي رهيا آهن ،عورتن جون عزتون تار تار ٿي رهيون آهن، هر ماڻهو پريشان آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته وزيراعليٰ ، صوبائي ڪابينا ، گورنر ، هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايون ٿا ته اسان جو سنڌ امن مارچ مڪمل طورتي پرامن رهيو، ڪٿي ڪوئي گلدان به نه ٽٽو، اسان امن جي خيرات وٺڻ لاءِ هتي آيا آهيون، شايد توهان جون اکيون ڏسڻ ۽ ڪن ٻڌڻ کان قاصر آهن، پر اسان کي هر قيمت تي امن کپي، اسان وٽ ٻيو ڪوئي آپشن ڪونهي، توهان جي خلاف سول نافرماني شروع ڪنداسين، ٽيڪس ۽ تعاون ان ڪري ڪيون ٿا ته جيئن حڪومت امن ۽ انصاف مهيا ڪري، حڪمران جو ضمير ۽ غيرت سجاڳ ٿيڻ گهرجي. امن ، انصاف، روزگار نه ٿا ڏئي سگهو ۽ معيشت بهتر نه ٿا ڪري سگهو ته توهان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪوئي حق ڪونهي. هن چيو ته بلوچستان ، ڪي پي ڪي جون حالتون تمام خراب آهن، توهان اتي سفر به نه ٿا ڪري سگهو، بلوچ عورتون چئن مهينن تائين پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ جي نڪ هيٺان احتجاج ڪندي پڪاري رهيون آهن ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. علامه راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾رهندڙ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجن مان انهن کي سنڌي سمجهان ٿو، رڳو ڪشمور لاءِ نه پر ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن خلاف مارچ ڪيو آهي، سڄي سنڌ جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون، وزيراعليٰ هائوس تي جمعيت جو جهنڊو جهولائي انقلاب جي شروعات ڪنداسين. قائد جميعت حڪم صادر ڪري ته اسيمبلي ۽ وزيراعليٰ هائوس تي قبضو ڪري وٺنداسين، پر قائد جمعيت پرامن جدوجهد تي يقين رکي ٿو،نومبر جي پهري هفتي ۾شڪارپور کان تحريڪ شرع ڪئي ويندي.ڌاڙيلن جي خلاف ايڪشن ڪنداسين، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي جدوجهد جاري رهندي . حاجي عبدالرزاق عابد لاکو چيو ته سنڌ ۾بدامني جي باهه ٻريل آهي، حڪمران ڪجهه ڌاڙيلن تي ڪنٽرول نه ٿا ڪن ڇو ته ڪچي جا ڌاڙيل پ پ پ اڳواڻن جي بنگلن تي ويٺا آهن، سنڌ جي مالڪي ڪئي وڃي، عوام کي ننڌڻڪو ڪري ماريو پيو وڃي. حڪمران طبقا سنڌ سان نمڪ کائي غداري ڪري رهيا آهن. اهڙن غدارن کي گهرن مان ڪڍي ٻاهر گهلينداسين. مرڪزي ترجمان محمد اسلم غوري چيو ته سنڌ جي عوام هائبرڊ نظام خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته گذريل 17 سالن کان حڪمراني ڪندڙن سنڌ کي برباد ۽ تباهه ڪيو آهي. مرڪزي ناظم جميعت سعود افضل هاليجوي سنڌ ۾امن ڪونهي، ڪوئي شريف شهري گهرن کان ٻاهر نه ٿو نڪري سگهي. نائب صوبائي امير سيد سراج احمد شاهه امروٽي چيو ته ڪراچي جي سرزمين تان امن جي صدا بلند ڪري رهيا آهيون، جدوجهد پنهنجي منزل مقصود تائين پهچندي ۽ سنڌ امن جو گهوارو ٿيندي. ٺهراءَ پاس ڪيو ته آمريڪا جي ڪمپني طرفان 9 سالن کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي برسٽ ڪينسر جي مرض کان بچاءَ جي نالي تي ويڪسين ڪري ڄم جي روڪ ڪئي پئي وڃي، پهريان ڊاڪٽرن کان تصديق ڪرائي وڃي، قومي راءِ قائم ڪرڻ تائين ويڪسين لڳائڻ بند ڪئي وڃي. اليڪشن ٽربيونل اسان جي ڪيسن تي اڳڀرائي نه ٿو ڪري، لاڙڪاڻي ۾ قتل عام جي مذمت ڪئي وئي.










