سنڌ ۾ ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ  جي اجازت نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ

سنڌ ۾ ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ واقعو افسوسناڪ آهي. سنڌ ۾ ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ اجازت نه ڏينداسين. اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد ۽ قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو سان رابطو ڪري سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي قيام ۾ مثبت ڪردار ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششن جي خاطري ڪرائي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افسوسناڪ واقعن ۾ ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪو به شرپسند قانون هٿ ۾ وٺندو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حيدرآباد واقعي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واقعي بعد ڪاروباري املاڪ کي نقصان پهچائڻ واري نوجوان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ صوفياء ڪرام ۽ امن پسندن جي ڌرتي آهي. سنڌ جي پرامن ماحول کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو