ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو اطلاعات وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ سنڌ ۾ مون سون جا غيرمعمولي مينھن وسيا آهن. جنهن سان شهرن جي انفراسٽرڪچر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ فصلن کي شديد نقصان رسيو آهي. پنهنجي جاري بيان هن چيو ته مون سون جي ھلندڙ اسپيل ۾ حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، ملير، عمرڪوٽ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ، بدين، ٺٽو ۽ سجاول گھڻا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. سنڌ حڪومت پاران متاثر ٿيل علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون جاري آهن ، جنھن جي نگراني سنڌ ڪابينا جا ميمبر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پي ڊي ايم اي متاثر ٿيل علائقن ۾ تنبو ۽ راشن سميت پاڻي نيڪال ڪرڻ واريون مشينون پھچائي ڇڏيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تي سنڌ حڪومت سمورن متاثر ٿيلن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي امدادي ڪارروائين لاءِ 30-30 لک روپيا فوري جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ضلعي انتظاميا ڏنيون آهن تہ متاثر خاندانن کي اسڪولن ۾ متبادل رهائش فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪندي. ان ڏس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي نقصان جو ڊيٽا پڻ گھرايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي وزير اعليٰ صحت کاتي ۽ مڪاني کاتي کي گيسٽرو، مليريا ۽ ڊينگي کي روڪڻ لاءِ ضروري اپاءُ جي پڻ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بہ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي..










