ڀٽ شاھ (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ سنڌ ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ چار سئو ڀيرا وڏيون برساتون پيون آهن، 24-23 آگسٽ کان نوان وسڪارا پوڻ جو خدشو آهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار ڏکي گهڙيءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهي وڏي وزير مراد علي شاههڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، وڏي وزير چيو ته سنڌ جي برسات متاثرن ۾ هڪ لک خيما ورهائي چڪا آهيون، رليف ڪيمپس ۾ ترسيل هزارين متاثرين کي کاڌو پيتو به فراهم ڪيو پيو وڃي










