اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي لاءِ رينجرز جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 24 سيپٽمبر تي شيڊول ضمني بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچي ڊويزن جي 3 ضلعن ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ نهايت حساس پولنگ اسٽيشنز تي رينجرز جي مقرري لاءِ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان وفاقي گهرو وزارت کي لکيل خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته ڪراچي ۾ ضلع شرقي، غربي، ڪياماڙي ۽ عمرڪوٽ جي سمورن نهايت حساس پولنگ اسٽيشن تي سنڌ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گڏيل خدمتن، پيٽرولنگ ۽ ڪوئڪ رسپانس فورس جي طور تي سنڌ رينجرز جي مقرري گهري آهي ته جيئن 24 سيپٽمبر 2025 تي ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي ۽ چونڊون پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهن.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 220 جي تحت وفاق ۽ صوبن ۾ سمورين انتظامي اختيارين تي اهو لازم آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن کي انهن جي فرضن جي ادائيگي ۾ مدد فراهم ڪن ڇو ته مناسب سيڪيورٽي ڏيڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو فرض آهي انهي لاءِ ضروري آهي ته آزاد، پرامن ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بنائي سگهجي.










