ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ ٻڏي ويا، ملير ندي ۾ چاڙهه سبب ڪورنگي ڪاز وي بند ٿي ويو آهي. وقفي وقفي سان گذريل رات کان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي. سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن ۾ جيئرا ماڻهو ته پريشان آهن۽ پنهنجي جان ۽ مال ڪاهي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي ويا پر ڪيترن ئي شهرن ۾ جهانگيئڙن جا جهوپا ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. ڪيترا قبرستان ٻڏڻ سبب جيئرن سان گڏ مرده به ٻڏي ويا آهن، اڪثر شهرن ۾ زندگي مفلوج بڻجي .وئي آهي

سخي حسن کان ناگن چورنگي تائين روڊ تي گوڏي جيترو پاڻي بيٺو آهي، صفورا کان حسن اسڪوائر روڊ تي به پاڻي بيٺل آهي، گلستان جوهر جي بلاڪ 3 ۾ پهاڙ تان ڇپون ڪرڻ سبب ڪيتريون گاڏيون دٻجي ويون آهن. ناظم آباد ۽ اوجهاڪيمپس سميت اڪثر علائقن پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

سرجاڻي ٽائون ۾ 4 ڏينهن کان 80 سيڪڙو علائقو ٻڏل آهي اڪثر ماڻهو گهر خالي ڪري ويا آهن.ان کانسواءِ حيدرآباد، دادو، ٺٽو، قاضي احمد، ميرپور خاص، ڪوٽڙي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو محمد خان، ميرپورخاص، مٺي، عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي.

ميرپور خاص ۾ 144، حيدرآباد ۾ 133 ۽ بدين ۾ 87 ملي ميٽر برسات رڪارڊ، هيٺانهان وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ به پاڻي داخل، مختلف شهرن ۾ برسات بعد گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي ڪري شهرين جاڳي رات گذاري، انتظاميا تحرڪ نه ورتو، حسيڪو جا 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، مختلف شهرن کي بجلي فراهمي به بدستور معطل ٿيل آهي.














