سنڌ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي جاگير بڻيل آهي: عوامي تحريڪ

سنڌ وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي جاگير بڻيل آهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)سنڌ کي وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي جاگير بڻايو ويو آهي. هٿ وٺي سنڌ کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هڪ دفعو ٻيهر وڏيرڪي نظام جي مئل گهوڙي ۾ ساھ وجهي جياريو پيو وڃي. ڪارو ڪاري، قبائلي تڪرار وڏيرن جي مفادن وٽان آهن. ڪارو ڪاري ۽ ماڻهن جا خون وڏيرن جو ڪاروبار آهن. قانونسازي ڪري عورت دشمن رسمن کي ٻنجو ڏنو وڃي. جرڳن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي جرڳن تي پابندي مڙهي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر ۽ ادريس لغاري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ کي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ ڀوتارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ کي بدامني جي اوڙاه ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌ صدين کان وٺي مئل، ڌپ ڪري ويل جاگيرداري نظام جي گهاڻي ۾ پيڙهجندي پئي اچي. سنڌ ۾ ڪارو ڪاري، قبائلي تڪرارن جي خونن ۾ تڪ جا وڏيرا، سردار ۽ جاگيردار ملوث آهن. اڳواڻن چيو ته ماڻهن جا خون، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي وڏيرن جو ڪاوربار بڻجي ويو آهي. سنڌ ۾ ناحق نياڻين جو خون ڪري انهن کي ڪارو ڪاري جو رنگ ڏنو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽي خلاف سخت قانون سازي جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۽ سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪري سنڌ مان اهڙين ڪڌين رسمن جو خاتمون آندو وڃي. جرڳن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وڌل پابندي تي سختي سان عمل ڪرائي سنڌ مان جاگيرداري جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو