پکو (عبدالوحيد ميئو) جي ڊي اي اڳواڻ سرفرازالدين اسراڻ يوسي خيرپورجوسو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻيا معدني وسيلا رکندڙ سنڌ ڌرتي ڏڪار واري صورتحال مان گذري رھي آھي. خوشحال خطي جو عوام بک بيروزگاري ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويو آھي عوام جي ووٽن سان اقتدار ماڻيندڙ ڌرين کي سنڌ جي مظلوم عوام جو ڪو به فڪر ناھي، سنڌ جي ناڻي تي عياشون ڪندڙ سنڌ سان ڪڏھ به سچائي ناھي ڏيکاري. ھر دور ۾ ھنن ورھين کان سنڌ کي لٽيو ۽ فريو آھي، عوام جي حقن تي ڌاڙا ھڻندڙ عوام جا ڏوھاري آھن اربين روپيه ڪرپشن وسيلي ٻاھرين ملڪ موڪليندڙ ڪرپٽ سياستدانن جو سج لھڻ وارو آھي کين جيل جي سلاخن پويان وڃڻ وقت ڪيل ڪرتوتن جو احساس ٿي رھيو آھي ۽ ڪوڙ جا ڳوڙھا ڳاڙي رھيا آھن. شھيدن جي آڙ ۾ عوام سان دوکو ڪندڙ سنڌ جا ڪڏھن به سڄڻ نه ٿيندا ھنن ھميشه دوکي جي سياست ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي ملڪ جو اقتداري مدو پورو ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي امتحان مان گذرڻو پوندو کيس عوام جي اميدن تي پورو لھڻ لاءِ سنجيده رھڻو پوندو ڇو ته عوامي مئنڊيٽ وڏي طاقت ٿو رکي جيڪو ڪنھن به وقت پلٽو کائي سگھي ٿو. خان صاحب کي ڪشمير مسئلي تي اڳتي اچڻ گھرجي ۽ ان معامري ۾ ملڪي عوام ۽ پاڪ فوج ساڻس گڏ آھي.










