ڄامشورو (ڊ ر ) احتساب عدالت سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي سوا ٽي ايڪڙ زمين خرد برد ڪرڻ خلاف داخل نيب ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.حيدرآباد جي احتساب عدالت 3 اڳوڻن ڪامورن سميت 16 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر برڪت جوڻيجو کي 7 سال قيد ۽ 48 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، اڳوڻي ڊي جي اصغر عباس کي 5 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اڳوڻي ايم ڊي عمران کي به 5 سال قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.ان کانسواءِ عدالت 13 جوابدارن کي 3_3 سال قيد ۽ 2_2 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ 13 جوابدارن پلي بارگين ڪئي، هڪ اڃا تائين روپوش آهي ۽ هڪ جوابدار فوت ٿي ويو. جوابدارن خلاف زمين جي خرد برد جي جاچ نيب 2013ع ۾ شروع ڪئي، ريفرنس 2015ع ۾ داخل ٿيو. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدارن 312 ملين جي خرد برد ڪئي آهي، سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد هئا، عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










